شاهنواز سولنگي

شاهنواز سولنگي

شاهنواز سولنگي

شاهنواز سولنگي (راڳي): مشهور راڳي استاد شاهنواز ولد علي مراد سولنگيءَ 5 مارچ 1964ع پڊعيدن شهر ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري مين سنڌي اسڪول پڊعيدن ٽائون، مئٽرڪ ۽ انٽر گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول پڊعيدن، بي. اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1987ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور مقرر ٿيو. شاهنواز سولنگيءَ جو والد هارمونيم شوق سان وڄائيندو هو. ان ڪري هي به پيءُ کان متاثر ٿي موسيقيءَ ڏانهن مائل ٿيو. راڳداريءَ جي باقاعده سکيا استاد قنبر علي کان ورتائين. پڊعيدن ۾ پهريون ميوزڪ ڪلب کولڻ جو اعزاز کيس نصيب ٿيو، زاهد جانوريءَ جي سنگت سان سلهاڙجي ”استاد بخاري ميوزڪ ڪلب“ قائم ڪيائين. هن ڪلب مان به ڪيترائي نوجوان سکيا وٺي راڳ جي دنيا ۾ پهتا آهن. استاد شاهنواز ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي محنت سان سٺي مڃتا ماڻي آهي. هي نه صرف سُريلو راڳي آهي پر ڀلوڙ موسيقار پڻ آهي. سنڌ ٽي. وي پاران ڪنور ڀڳت جي زندگيءَ تي فلمايل ٽيلي فلم ۾ آلاپ سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪيا ويا. ان کان علاوه پاڻ ريڊيو ٽي. وي جي ڪيترن پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. شاهنواز سولنگي ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگيءَ جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ سندس هڪ پٽ عابد سولنگي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر آهي. شاهنواز هن وقت ڪيترن ئي نوجوانن کي ميوزڪ جي سکيا ڏئي رهيو آهي.


لفظ شاهنواز سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.03.05  عيسوي

مشهور راڳي استاد شاهنواز ولد علي مراد سولنگيءَ 5 مارچ 1964ع پڊعيدن شهر ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شانتي هيرانند
الهڏنو خاصخيلي
استاد خورشيد علي خان
اميد علي خان
استاد محمد جمن
منظور سخيراڻي
رگهورام شرما
اميد علي شاهه
غلام قادر شيخ
فوزيه سومرو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون